ارباب رحيم ڪو وڏو پير ناهي جو بلاول بابت اڳڪٿيون ڪري، آبادگارن سان گڏ آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارباب رحيم ڪو وڏو پير نه آهي، جو اڳڪٿيون ڪندو وتي، کيس سوچي سمجهي ڳالهائڻ ۽ ٻين جو انجام به ياد رکڻ گهرجي، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي هڪ ايف آءِ آر ارباب رحيم تي به داخل ٿيڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب رحيم جي بلاول ڀٽي بابت پير پاڳاري جي اڳڪٿي سچ ٿيڻ واري بيان تي ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارباب رحيم ڪو وڏو پير نه آهي، جو سندس اڳڪٿيون سچ ثابت ٿين، کيس سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، کيس بلاول ڀٽو زرداري جو نالو ئي نه وٺڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ارباب رحيم ۽ ٻين تي بينظير ڀٽو شهيد جي قتل جي ايف آءِ آر ٿيڻ گهرجي، ارباب رحيم تي ان ڪري ٿيڻ گهرجي ته هو ان وقت وڏو وزير هو ۽ هن ٻارهين وڳين شو ختم ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جڏهن ته محترمه تي پوڻين ٻارهين وڳين حملو ٿيو هو. سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آمرن جي جهولي ۾ پلجندڙ ۽ موسم کان وڌيڪ تيزي سان سياسي جماعتون تبديل ڪندڙن جي ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏيڻ ضروري ناهي. 18 آڪٽوبر سانحي ڪارساز جي موقعي تي ارباب غلام رحيم جيڪو ان وقت جو وزيراعليٰ سنڌ هو پهريان ئي اهو قرار ڏنو هو ته اهو شو 12 وڳي کان اڳ ختم ٿي ويندو ان لاءِ ان تي بي بي جي قتل جو ڪيس بڻجي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي انتقامي سياست تي يقين نٿي رکي. اسان سنڌ ۾ آبادگارن ۽ هارين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. ڪمند جي قيمتن جي حوالي سان مل مالڪن سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي، پر اسان ان معاملي کي جلد کان جلد حل ڪري وٺنداسين. لياري سميت ڪراچي ۾ حالتون سالن کان خراب آهن ۽ انهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ پوليس ۽ رينجرز کي مڪمل فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي شروعات کان ايستائين سڀ کان وڌيڪ ڇاپا لياري ۾ هنيا ويا آهن، پر ڪير به اهو ثابت ڪري ته اسان ڪنهن کي ڇڏڻ لاءِ ڪنهن تي دٻاءُ وڌو هجي جڏهن ته لياري پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارباب غلام رحيم اسان جي چيئرمين جي حوالي سان ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ٻڌائي ته هو ڪنهن پارٽي سان آهي. هن چيو ته هتي جيتري موسم تيزي سان ناهي بدلجندي ان کان وڌيڪ تيزي سان هو ۽ ان جهڙا ٻيا پارٽيون بدلائين ٿا. شرجيل ميمڻ چيو ته ارباب غلام رحيم جي ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏيڻ ان لاءِ به مناسب نه آهي ته هو آمرن جي جهولي ۾ نپنو آهي ۽ انهن جي جهولي ۾ ئي ويهي هميشه سياست ڪئي آهي. هن چيو ته هو هن ڀيري به قسمت سان اسيمبلي آيو آهي. هن چيو ته ارباب غلام رحيم ماضي ۾ به پيپلز پارٽي جي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان جيڪا زبان استعمال ڪئي هئي ان کان پوءِ هن پارٽي جي ڪارڪنن ۽ بي بي جي متوالن جو ري ايڪشن ڏسي ورتو هو ان لاءِ آئون ان کي گذارش ڪريان ٿو ته هو سوچي سمجهي ڳالهائي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارباب ۽ لياقت جتوئي ٻنهي جي دورن ۾ پيپلز پارٽي سان انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون. اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ايستائين جو اسيمبلي ميمبرن خلاف به ڪوڙا ڪيس قائم ڪيا ويا، پر پيپلز پارٽي سياسي انتقامي ڪاررواين تي يقين نٿي رکي. اهو ئي سبب آهي ته گذريل 5 سالا دور حڪومت ۽ موجوده ڏيڍ سال جي دور ۾ جتي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي هڪ به سياسي انتقامي ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪنهن پارٽي جي ڪارڪن يا اڳواڻ خلاف ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. صوبي ۾ شگرڪين جي بحران ۽ آبادگارن ۽ هارين پاران ان تي احتجاج جي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت 182 رپيا في مڻ ڪمند جي قيمت مقرر ڪئي آهي، پر ان تي شگرملز مالڪن سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن سان گڏ آهيون، ڇو ته اهي 100 سيڪڙو اسان جا ووٽر آهن. لياري ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال جي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته لياري سميت ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صورتحال سالن کان آهي ۽ ان جي تدارڪ لاءِ ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ ايڪشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان جا خاطر خواهه نتيجا به حاصل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پوليس ۽ رينجرز کي مڪمل طور تي فري هينڊ ڏنو آهي. ۽ ڪير اهو ثابت ڪري ته حڪومتي سطح تي پوليس يا رينجرز تي ڪنهن قسم جو ڪو دٻاءُ وڌو ويو آهي. هن چيو ته لياري پيپلز پارٽي جو هميشه کان ڳڙهه رهيو آهي ۽ اڄ به آهي، ان جي باوجود آپريشن جي شروعات کان اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ ڇاپا لياري ۾ ئي لڳا آهن ان جي باوجود به حڪومت پاران پوليس ۽ رينجرز کي ڪنهن قسم جي رڪاوٽ کي منهن ڏيڻو نٿو پوي. سينيٽ جي چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جي سوال تي هن چيو ته هن حوالي سان ڪجهه ميڊيا ۾ اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته شايد تحريڪ انصاف کي سينيٽ ۾ نشت نه ملي ان لاءِ ايئن ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 ميمبرن جا ووٽ ملڻ تي هڪ سيٽ الاٽ ٿئي ٿي. جڏهن ته پي ٽي آئي جي صرف سنڌ ۾ 4 ئي سيٽون هيون ته تنهنڪري انهن جي سينيٽ ۾ سيٽ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ان لاءِ اهو تاثر مڪمل طور تي غلط آهي، جڏهن ته 5 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين انهن ميمبرن پنهنجي استعيفيٰ اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي هئي. ان تي اسپيڪر ڪافي ڀيرا کين گهرايو، پر هو نه آيا، جنهن کان پوءِ اسپيڪر سندن استعيفائون منظور ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *