اداڪار ٽائيگر شيروف 26 سالن جو ٿي ويو، سندس سالگرهه تي فلم باغي جو پوسٽر به جاري

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شيروف پنهنجي 26هين سالگره ملهائيندو. بالي ووڊ سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اداڪار ٽائيگر 26 سالن جو ٿي ويو آهي. اداڪار ٽوئيٽر تي مداحن سان سالگره جي موقعي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جي پيغامن تي شڪريو ادا ڪيو. اداڪار چيو ته سالگره واري ڏينهن سندس فلم باغي جو پوسٽر جاري ٿيو آهي جيڪو منهنجي لاءِ ڪنهن تحفي کان گهٽ ناهي. فلم جي ڪهاڻي بلڪل الڳ آهي جيڪا مداحن کي پسند ايندي. فلم ۾ هيروئن شرڌا ڪپور آهي ۽ فلم جي هدايت صابر خان ڏني آهي جڏهن ته اها فلم جلد رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *