اداڪار غلام محي الدين طرفان پٽ کي اداڪاري جي ميدان ۾ آڻڻ جو فيصلو

لاهور (شوبز نيوز) نالي واري اداڪار غلام محي الدين پنهنجي پٽ کي به اداڪاري واري شعبي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ سندس پٽ علي هدايتڪار جمشيد جان محمد جي نئين فلم ”سوال 7 ڪروڙ ڊالر ڪا“ ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان فلم جي شوٽنگ لنڊن، بينڪاڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيندي، غلام محي الدين جو پٽ اعليٰ تعليم يافته آهي، سندس والد جو چوڻ آهي ته فلم جي پڄاڻي تي باقاعده پريس ڪانفرنس ڪري علي بابت تفصيل ميڊيا کي فراهم ڪندس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *