اداڪار حمزه علي عباسي ۽ اداڪاره نمل خاور جلد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا

 

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور اداڪار حمزه علي عباسي ۽ اداڪاره نمل خاور جلد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.ذريعن موجب حمزه علي عباسي 25 آگسٽ تي پنهنجي ڪنوار گهر وٺي ايندو. جڏهن ته ان جو وليمو 26 آگسٽ تي ٿيندو. حمزه جي ٿيندڙ زال نمل خاور شوبز سان لاڳاپيل آهي ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.ذريعن موجب حمزه علي عباسي جي وليمي جي تقريب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آ) سان لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون.ياد رهي ته حمزه علي عباسي پي ٽي آءِ ۾ اهم عهدي تي رهي چڪو آهي. حمزه جي ٿيندڙ گهر واري نمل خاور هن وقت مشهور ڊرامي آنا ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *