اداڪار انجيلينا جولي پروفيسر بڻجي وئي، لنڊن جي اسڪول ۾ پهريون ليچر ڏنو

لنڊن (شوبز نيوز) فلمن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري ذريعي ڪروڙين دلين تي بادشاهي ڪندڙ هالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره انجيلينا جولي هاڻ پروفيسر بڻجي وئي آهي، 41 سالن جي انجيلينا جولي لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ پنهنجو پهريون ليڪچر ڏنو جتي هن شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا، ان موقعي تي هن گڏيل قومن جي خاص سفير جي حيثيت سان پنهنجو خدمتن ۽ تجربن کان شاگردن کي آگاهه ڪيو، ياد رهي ته اداڪاره انجيلينا جولي گذريل سال لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ متعارف ڪرايل ڪورس عورتون، امن ۽ سلامتي ۾ بطور پروفيسر پنهنجي زميواري ادا ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *