اداڪاري کانپوءِ عاليا ڀٽ جو پروڊڪشن ۾ قدم رکڻ جو اعلان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر“ کان اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکندڙ عاليا ڀٽ وڏي شهرت حاصل ڪرڻ کانپوءِ هاڻ پنهنجو پروڊڪشن هائوس کولڻ اعلان ڪيو آهي.عاليا ڀٽ چيو ته کيس اهڙو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.عاليا پنهنجي چاهيندڙن کي چيو ته سندس پروڊڪشن ڪمپني جو نالو ”ايئرٽرنل سن شائن پروڊڪشن آهي“، گڏ هن سندس ڪمپني جو لوگو به شيئر ڪيو.بالي وڊڊ اداڪاره پروڊڪشن ڪمپني جو بنياد رکڻ تي ڀارتي فلم انڊسٽري سميت هن جي ٻين مداحن پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *