اداڪاره ڪنگنا رناوت ”رنگون“ لاءِ گهوڙي سوار سکڻ شروع ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت گهوڙي سواري سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪنگنا رناوت فلمساز وشال بردواج جي نئين فلم ”رنگون“ ۾ پنهنجي ڪردار ۾ حقيقي رنگ ڀرڻ لاءِ سخت محنت شروع ڪري ڇڏي آهي. اداڪاره گهوڙي سواري جي تربيت پڻ حاصل ڪري رهي آهي جنهن لاءِ هو صبح سوير ئي جاڳي ويندي آهي. واضح رهي ته فلم ”ڪٽي بٽي“ ۾ اداڪاره ڪنگنا رناوت ۽ عمران خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. پر باڪس آفيس تي فلم بزنس ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *