اداڪاره نيلم منير پاران فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (شوبز نيوز)ڪراچي ٽي وي فنڪارن خاص ڪري عورت آرٽسٽن جي ڊراما سيريلز بدران هاڻي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي نظر اچڻ لڳي آهي، ماهره خان، ميشا شفيع، عائشه عمر، سوها علي ابڙو، صائمه اظهر، مومل شيخ، صنم سعيد ۽ ٻين اداڪارائن کان پوءِ ماڊل ٽي وي اداڪاره نيلم منير پڻ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مقامي اخبار مطابق هن انڪشاف ڪيو ته هو فلمن رانگ نمبر جي رائٽر محسن علي جي هدايتڪار طور پهرين فلم ڇپڇن ڇپائي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن کان فلم جي شوٽنگ جاري اهي، فلم ۾ اداڪار احسن خان پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، هدايتڪار محسن علي جو چوڻ آهي ته اها ڪامڪ ٿرلر فلم هوندي، فلم کي هلندڙ سال عيد الاضحيٰ جي ڏينهن رليز ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *