اداڪاره مشي خان تي دوکيبازي ۽فراڊ جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

راولپنڊي(اي پي پي) علائقي مئجسٽريٽ ڪاشف جاويد اداڪاره مشي خان خلاف دوکيبازي ۽ فراڊ جي ڪيس ۾ ملزمه جي موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ڏوهه باسڻ کان انڪار تي عدالت استغاثه کان شهاديون طلب ڪري ورتيون. نيو ٽائون ٿاڻي ۾ ڊاڪٽر افشان طرفان اداڪاره مشي خان خلاف داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مشي خان اسان جي ڪلينڪ جي مشهوري لاءِ لکين رپيا ورتا ۽ بعد ۾ مشهور به نه ڪئي ۽ جڏهن پنهنجي رقم واپس ڪرڻ لاءِ چيو ته اسان جي رقم به واپس نه پئي ڪري ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون به ڏئي رهي آهي. نيو ٽائون ٿاڻي جي جاچ آفيسر طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل چالان جي روشني ۾ اربع تي علائقي مئجسٽريٽ ڪاشف جاويد اداڪاره مشي خان تي فرم جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، مشي خان ڏوهه باسڻ کان مڪمل انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت استغاثه کي حڪم ڏنو ته هو 7 مارچ تي مشي خان جي ڪيس ۾ شاهديون رڪارڊ ڪرائي. ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشي خان جو چوڻ هو ته سندس خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، مون کي عدالتن مان مڪمل انصاف جي اميد آهي ۽ عدالت ۾ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *