اداڪاره عرشي خان پاڪستان جي حمايت ۾ شيوسينا جي سامهون اچي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي مسلمان اداڪاره عرشي خان پاڪستان جي حمايت ۾ شيوسينا جي سامهون اچي وئي. عرشي خان سوشل نيٽ ورڪنگ سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته هوءَ پاڪستان جي حمايت ڪري ٿي. شيوسينا ۾ همٿ آهي ته سندس مُنهن تي ڪارنهن هڻي. عرشي خان غلام علي ڀارت ۾ شو نه ٿيڻ تي شيوسينا کي تقنيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته فن، ادب ۽ موسيقي جي ڪابه سرحد نه هوندي ۽ ان لاءِ سياسي مفادن جي ڪري اداڪارن ۽ ثقافت جي مٽاسٽا ۾ رڪاوٽون نه بڻجڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو رکن ٿا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ دشمني صرف سياستدانن پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ چونڊ کٽڻ لاءِ پيدا ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *