اداڪاره شردا ڪپور فلم ۾ سڌارت ملوترا جي ڀيڻ بڻجڻ تي پريشان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شردا ڪپور انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم جي ڀيڻ حسينا جي زندگي تي ٺهندڙ فلم سڌارت ملوترا جي ڀيڻ ٿيڻ تي پريشان آهي، سرڌا ڪپور دائود ابراهيم حسينا جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته فلم ۾ نوجوان اداڪار سڌارت دائود ابراهيم جو ڪردار ادا ڪندو جنهن کانپوءِ ٻنهي اداڪارن جي گڏ ٻي فلم هوندي پر اداڪاره سڌارت تي ڀيڻ بڻجڻ تي پريشان آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب شردا ڪپور جو چوڻ آهي ته فلم ۾ سڌارت جي ڀيڻ بڻجڻ لاءِ بي تاب آهيان پر ٻنهي جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جا منظر فلمائڻ تي پريشان به آهيان، ڇو ته فلم جي ڪردارن جي مضبوطي لاءِ مون کي اهو وسارڻو پوندو ته سڌارت منهنجو ڀاءُ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *