اداڪارا وديا بالن کي ”وومين اڪانامڪ فورم 2015ع“ ۾ خطاب لاءِ دعوت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪلاسيڪل اداڪارا وديا بالن بابت جيڪڏهن چيو ته وڃي سوچ ۽ سمجھه جي اهڃاڻ آهي ته وڌيڪ نه هوندو، جيڪڏهن اوهان کي ڪو چئي ته ڪردارن جي ذخيري ڏانهن رجوع ڪيو ته اداڪارا وديا سلور اسڪرين تي ڪئين بهترين ڪردار ادا ڪيا آهن ۽ انهن جي ڪري هوءَ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور به آهي، وديا بالن عورتن جي طاقت ۽ اهميت بابت پڻ ڪيترائي اهم ڪردار ادا پي ڪيا آهن، اطلاع آهن ته اداڪارا وديا بالن کي ”وومين اڪانامڪ فورم 2015ع“ ۾ خطاب لاءِ دعوت ڏني وئي آهي، جنهن جي تقريب گووا ۾ رٿي وئي آهي، وديا بالن عورتن جي تقريب دوران انڊين سينيما ۾ عورتن جي ڪردار تي ليڪچر ڏيندي. تقريب ۾ ڪيترا ئي ليکڪ، دانشور، سياستدان ۽ ٻيون وڏيون وڏيون شخصيتون شرڪت ڪنديون، جيڪي پڻ عورتن جي ڪردار تي ڳالهائيندا. وديا بالن چيو ته مون کي ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي تمام گھڻي خوشي ٿيندي، هن چيو ته مان ڄاڻان ٿي ته اهو فورم عورتن جي اڳواڻيءَ واري صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ بهتر جڳهه آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *