اداڪارا هما قريشي اظهرالدين جي گرل فرينڊ جو ڪردار ادا ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان اظهرالدين جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ اداڪارا هما قريشي اظهرالدين جي گرل فرينڊ جو ڪردار ادا ڪندي، اظهرالدين جو مرڪزي ڪردار ڀارتي چاڪليٽي هيرو عمران هاشمي ادا ڪندو، پروڊيوسر ايڪتا ڪپور اڳوڻي ڀارتي ڪپتان اظهرالدين جي زندگيءَ فلم ٺاهي رهي آهي، جنهن جي لاءِ هن عمران هاشميءَ کي اظهرالدين جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ چونڊيو آهي، اداڪار عمران هاشمي ڏينهن رات اڳوڻي ڀارتي ليجنڊ ڪرڪيٽر محمد اظهرالدين سان گڏ رهي ان کان گُر سکي رهيو آهي، ڪرڪيٽر اظهرالدين جي پهرين گھر واريءَ جي چونڊ اڳ ئي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هما قريشي هاڻي عمران هاشميءَ سان فلم ۾ نظر ايندي، جيڪا فلم ۾ اظهرالدين جي پهرين گھر واريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *