اداڪارا مهرين سيد به کدڙي فقيرن سان گڏجي پئي، هنرمند بڻائڻ جو ذمو کڻي ورتو

لاهور(شوبز نيوز)مهرين سيد پاڪستان جي مڃيل ماڊلز مان هڪ آهي، هوءَ ماڊلنگ سان گڏ اداڪاري جا جوهر به ڏيکاري چڪي آهي جنهن کي مداح تمام گهڻو پسند ڪندا آهن.ماڊلنگ ۽ اداڪاري سان گڏ مهرين سيد هاڻي کدڙن فقيرن سان به گڏجي پئي آهي.مهرين سيد کدڙن فقيرن کي هنرمند بڻائڻ جو ذمو کڻي ورتو آهي ۽ هن کدڙن فقيرن کي هنر ڏيڻ شروع ڪري ڏنو آهي.کدڙن فقيرن جو شمار معاشري جي پٺ تي پيل طبقي ۾ ٿيندو آهي اهو ئي سبب آهي جو اداڪارا مهرين سيد کدڙن فقيرن کي خودمختار بڻائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.مهرين سيد لاهور ۾ کدڙن فقيرن لاءِ هڪ تربيت گاهه قائم ڪئي آهي جتي ايندڙ کدڙن فقيرن کي ميڪ اپ سان گڏ گرومنگ جا ڪلاس ڏنا ويندا آهن.تربيت گاهه ۾ کدڙن فقيرن کي هنرمند بڻائي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ويندي آهي.ماڊل مهرين سيد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي تربيت گاهه ۾ کدڙن فقيرن کي مختلف هنر سکاريندي آهي، هتي کدڙن فقيرن کي هنرمند بڻائڻ سان گڏ انهن جي باعزت روزگارفراهم ڪرڻ ۾ به مدد ڪئي ويندي آهي.مهرين سيد موجب جتي کدڙن فقيرن کي تربيت جي ضرورت آهي اتي معاشري کي به انهن بابت پنهنجا خيال مٽائڻ گهرجن، ماڻهو کدڙن فقيرن بابت پنهنجي سوچ مٽائين ته جيئن اهي به معاشري لاءِ هاڪاري شهري طور ڪردار ادا ڪري سگهن.هن جو چوڻ هو ته کدڙن فقيرن کي هاڪاري شهري بڻائڻ ۽ انهن کي ٻين شهرين جيان عزت واري جاءِ ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.ٻئي پاسي تربيت حاصل ڪندڙ کدڙا فقير به مهرين سيد جي ان قدم مان مطمين آهن.هڪ کدڙي فقير جو چوڻ هو ته تعليم يافتا هجڻ جي باوجود اسان جو معاشري ۾ ڪو به ڪردار ناهي، پر هاڻي پنهنجي زندگي ۾ وڏو فرق محسوس ڪري رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *