اداڪارا طور نٿي چاهيان ته ڇوڪرين کي خاص طور تي صحت جي حوالي سان ڪو غلط پيغام مليۡ: سوناڪشي

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارائون نه رڳو آن اسڪرين خوبصورت نظر اچڻ جون خواهشمند هونديون آهن، پر هو آف اسڪرين به دلڪش نظر اچڻ جي ڪوشش ۾ هونديون آهن پوءِ اهي ايوارڊ جي تقريب ۾ شريڪ ٿين يا ڪنهن ٻي تقريب ۾ وڃن اهي ٻين اداڪارائن مان گهڻو متاثر ٿيڻ چاهينديون آهن ۽ ان حوالي سان بالي ووڊ بالي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنها جو چوڻ آهي ته اداڪارائون سدائين بهترين نظر اچڻ لاءِ دٻاءُ جو شڪار رهنديون آهن. رپورٽ موجب بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها چيو آهي ته اداڪارائون سدائين بهترين نظر اچڻ لاءِ دٻاءَ جو شڪار رهنديون آهن پر اها اداڪارا جي مرضي هوندي آهي ته اها دٻاءَ کي ڪهڙي انداز ۾ وٺن ٿيون. هن چيو ته هو به پنهنجي صحت جو تمام گهڻو خيال رکندي آهي. سوناڪشي سنها چيو ته ڇوڪريون اداڪارائن مان تمام گهڻو متاثر هونديون آهن ۽ انهن کي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اپنائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، ان لاءِ هو اداڪارا طور ڪڏهن ناهي چاهيندي ته هن طرفان ڇوڪرين کي خاص طور تي صحت جي حوالي سان ڪو غلط پيغام ملي. اداڪارا سوناڪشي سنها وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڇوڪريون زندگي ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿيون ته انهن جو خوش ۽ صحتمند ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *