ادارن ۾ انتظامي معاملا حڪومت جي ذميواري آهن، رنڊڪ نه وڌي وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بلديات کاتي مان گهوسٽ ملازمن جي خاتمي لاءِ کين سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولرائڻ جي پابندي خلاف جاري ڪيل اسٽي آرڊر تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي حڪومتي ڪمن ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي. هن چيو آهي ته ادارن ۾ انتظامي معاملا حڪومت جي ذميواري آهن ۽ ادارن ۾ گھوسٽ ملازمن جي خاتمي لاءِ ورتل اُپائن تي عدالت سڳوري جواسٽي آرڊر افسوس جوڳو آهي. جمعي جي شام پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلديات کاتي مان گھوسٽ ملازمن جي نيڪالي لاءِ انهن تي سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ جي شرط سنڌ حڪومت رکي هئي ته جيئن انهن گهوسٽ ملازمن جو خاتمو آڻي سگھجي جيڪي نه رڳو ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن پر حڪومت جا ڪروڙين روپيا پڻ هڙپ ڪري رهيا آهن، پر افسوس آهي جو سنڌ هائي ڪورٽ پاران حڪومتي اُپائن تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ادارن ۾ انتظامي معاملا حڪومت جي ذميواري آهن ان ۾ رنڊڪ نه وڌي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انتظامي معاملا حڪومت جو اختيار آهي ان تي  اسٽي آرڊر اچڻ حڪومتي معاملن ۾ رنڊڪ وجھڻ آهي . هن چيو ته سمورن ملازمن کي نوڪري تي حاضر رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان بابت حڪومت اُپاءَ وٺي رهي آهي ۽ اهڙي موقعي تي عدالت سڳوري پاران اسٽي آرڊر نه فقط حڪومتي معاملن ۾ رنڊڪ  آهي پر گھوسٽ ملازمن کي به موقعو ملي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مان بلديات ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن ۾ سالن کان پکيڙيل گند صاف ڪري رهيو آهيان ۽ سمورن معاملن کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مصروف آهيان. هن چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته عدالتون حڪومتي انتظامي ڪمن تي اسٽي آرڊر جاري ڪري انهن ڪمن ۾ دخل اندازي ڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *