ادارن کي ڌمڪيون افسوس جوڳو عمل آهي، هر فيصلو قانون جي دائري ۾ رهي ڪنداسين: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ملاقات ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته عوام جي عدالت ۾ پهرين به سرخرو ٿياسين ۽ هاڻ به ٿينداسين. ذريعن مطابق ريلوي واري  وفاقي وزير خواجا سعد  رفيق پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ٽربيونلن جي فيصلن ۽ ننڍي چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،ملاقات ۾ اين اي 125 جي حوالي سان معاملا پڻ غور هيٺ آيا، ذريعن مطابق خواجا سعد رفيق سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل واپس وٺي اين اي125 تان ننڍي چونڊ وڙهڻ جو خواهشمند آهي، ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته احتجاجي سياست ڪندڙن چونڊ نتيجا قبولڻ بدران ڌانڌلي ۽ داٻي کان ڪم ورتو، سندس چوڻ هو ته عوام کي خبر آهي ته خوشحالي ۽ ترقي جي رستي ۾ ڪير رنڊڪون وجهي رهيو آهي، نواز شريف چيو ته ادارن کي ڌمڪيون ڏيڻ افسوس جوڳو عمل آهي، اسان هر فيصلو قانون جي دائري ۾ رهي ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *