ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش جو الزام رد، نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارا ڪمزور ٿين: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي، پنجاب جي بيورڪريسي ۾ بغاوت ڪرائي پئي وڃي، اسان پنهنجي دور ۾ اسٽبلشمينٽ سان گڏجي مشڪل حالتن کي منهن ڏنو، اسان جو پاڙيسري وڏو چالاڪ آهي، هو عالمي طاقتن سان گڏجي اسان تي پابنديون هڻائي رهيو آهي،نريدر مودي هر فورم تي پنهنجي طاقت استعمال ڪري رهيو آهي، عالمي فورم تي بلاول ڀٽو جيئن پاڪستان جو دفاع ڪيو ائين مان به نه پئي ڪري سگهيس، عمران خان جي شادي سندس ذاتي مسئلو آهي منهنجو ان سان ڪو به تعلق نه آهي، جمعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي، ن ليگ وارا چون ٿا ته کين سينيٽ جي اليڪشن مان ڪڍيو ويو آهي، پر کين سينيٽ اليڪشن مان ناهي ڪڍيو ويو، هن چيو ته جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿي ويندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، هن چيو ته جسٽس رٽائرڊ مون کي 10 ڀيرا سزا ڏني پر پ پ عدالتي فيصلو قبول ڪيو، اسان عدالت وڃي انصاف گهريو پر ڪو به غير جمهوري رويو اختيار نه ڪيو، هن چيو ته پنجاب جي بيروڪريسي ۾ 14 کان 15 ايم اين ايز جا ڀائر ۽ ڀائٽيا آهن انهن جي مدد سان پنجاب جي بيروڪريسي ۾ بغاوت ڪرائي پئي وڃي انهن کي خوف آهي ته شهباز شريف به جيڪڏهن هليو ويو ته پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو، هن چيو ته اسان جي دور ۾ به ڪافي ڏکيائيون هيون پر اسان اسٽبلشمينٽ سان گڏجي حالتن کي منهن ڏنو، اسان ۽ توهان سڀني کي آخر هڪ ڏينهن وڃڻو آهي، عاجزي سان چوان ٿو ته هن ملڪ تي رحم ڪريو، اسان کي هن مٽي ۾ مرڻو آهي، هن چيو ته اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته اوهان پرڏيهي وزير رکو پر اسان جي هڪ به نه ٻڌي وئي، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڀارت پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، اهڙين شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو، هن چيو ته ڏسو ته ڀارت جي مسلمانن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، ڀارت ۽ مودي جو فوڪس رڳو پاڪستان جي خلاف آهي، هن چيو ته اسان جي نااهلي جو فائدو ڀارت وٺي رهيو آهي، هن چيو ته توهان آسري ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست ٿي ويندو، هن چيو ته مخالف ڪڏهن به نٿا چاهين ته پاڪستان قائم رهي، عالمي سطح تي اسان جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، مودي مسلمان ملڪن ۾ مندر تعمير ڪرائي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي خلاف هر فورم تي پنهنجي طاقت استعمال ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ميان صاحب ڪميشن کانسواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو، هن پختونن ۽ بلوچن کي انهن جو حصو ڪڏهن به ناهي ڏنو رڳو لاهور کي ڏنو آهي، جڏهن ته پنجاب جا به ڪافي علائقا پٺ تي پيل آهن، هن چيو ته مان تونسا شريف ويس ته اتان جي رستن جي حالت به خراب آهي. پ پ جي تازو ننڍي چونڊ دوران خراب ڪارڪردگي بابت پڇيل هڪ سوال ۾ آصف چيو ته جڏهن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي هجي ته ووٽ وٺڻ آسان ٿي ويندو آهي، ن ليگ اين اي 120 ۾ 4 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، هن چيو ته ڊي سي ان جو پنهنجو آهي ۽ ايس ايڇ اوز به سندس پنهنجا آهن، پنجاب ۾ سياست ئي ايس ايڇ اوز جي هوندي آهي، عمران خان کي مبارڪ جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته اسان جا ان سان ايترا به سٺا لاڳاپا نه آهن جو کيس مبارڪ ڏيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *