ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو اهي ته احساس پروگرام کي سڄي ملڪ تائين ڦهلايو ويندو، احساس پروگرا جا فائدا سڄي ملڪ کي ملندا. تفصيل موجب وزير اعظم جي صدارت هيٺ  احساس پروگرا اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر طرفان اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزير اعظم جي ترجمان نديم افض چن، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي وڏي وزير وزير اعظم آزاد ڪشمي راجا فاروق حيدر سميت ٻين وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. وزير اعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام جو مقصد پيڙهيل طبقي جي زندگي کي بهتر ڪرڻو آهي، حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 190 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. هن چيو ته احساس پروگرام جي تحت نوجوان کي واپار جي لاءِ قرض ڏنو ويندو، پروگرام جي تحت بيروزگار نوجوانن کي هنر سيکاريا ويندا.

ٻيئ طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ عدليه کي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، وزيراعظم جي صدارت ۾حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب وزيراعظم اجلاس دوران چيو ته ملڪي وقار ۽ قومي ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين، ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته عدليه تي دٻاءُ نوازليگ جو ماضي ۽ تاريخ آهي، هي نئون پاڪستان آهي، ان ۾ عدليه ۽ ججز آزاد آهن، حڪومت آڏو جوابده ناهن. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن حڪومتي قدمن تي اعتراض اٿاري سگهي ٿي، تنهنڪري جج جي وڊيو وارو معاملو عدليه تي ڇڏڻ چاهيون ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان چيو ته اعليٰ عدليه کي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو ليڪ ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، مبينا وڊيو جي فرانزڪ آڊٽ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته عدليه حڪم ڏئي. عدليه جيڪو فيصلو ڪندي، حڪومت سهڪار ڪندي.ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جيڪو به حربو استعمال ڪري، پر احتساب جو عمل جاري رهندو. نئين پاڪستان ۾ اپوزيشن جو ڪو به حربو ڪارگر ثابت نه ٿيندو. اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان معاشي قدمن تي حڪومتي موقف واضح انداز ۾ پهچائڻ جي هدايت جاري ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *