ادارن وچ ۾ ڪا به جنگ يا ٽڪراءُ ناهي: چيف جسٽس ناصر الملڪ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس،جسٽس ناصر المـُلڪ چيو آهي ته ادارن وچ ۾ ڪا به جنگ يا ٽڪراءُ ناهي،عدالت ڏسي رهي آهي ته آئيني ترميمن تحت ڪنهن آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ته ناهي ٿي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل بينچ، 18 هين،21 هين آئيني ترميمن توڙي فوجي عدالتن خلاف درخواستنجي ٻڌڻي ڪئي. ٻـُڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان جي دليلن تي جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار ناهي ته عدليه جي آزادي ۽ انتظاميه کان علحدگي آئين جو اهم نقطو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي کي جڊيشل ڪميشن جو حصو بڻايو وڃي ته پوءِ ڇا اوهان کي قبول هوندو ان صورت ۾ اختيارن جي ورڇ متاثر نه ٿيندي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏنا ته هـُو آئين ۾ اهڙيون ترميمون ڇو نه ٿا آڻين، جيڪي حالتن موجب هـُجن. جسٽس ناصر المـُلڪ چيو ته ڇا پارلياماني ڪميٽي عدليه جي آزادي ۽ اختيارن جي ورڇ خلاف آهي؟اهو به ٻـُڌايو وڃي ته ججز جي مقرري بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي آئين جي ڪنهن آرٽيڪل خلاف آهي؟ هن چيو ته هر ملڪ ۾ ججز جي مقرري جو طريقيڪار مختلف آهي،ترميم ٿيندي ته ڪيس به عدالت ۾ ايندا. چيف جسٽس ناصرالملڪ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هـُو ڏسي رهيا آهن ته ترميم تحت ڪنهن آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ته ناهي ٿي، اسانجو ٻين ملڪن جي عدالتن کان متاثر ٿيڻ ضروري ناهي. ٻڌڻي دوران بيرسٽر ظفر الله پنهنجي دليلن ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ 18 هين ترميم ۾ عبوري حڪم ڏنو،جنهن سبب پارليامينٽ 19هين ترميم منظور ڪئي. ان موقعي تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عبوري حڪومت ۾ پارليامينٽ کي هدايت نه پر تجويز ڏني هئي. بيئريسٽر ظفر الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم سبب ادارن ۾ جنگ ٿي جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ادارن ۾ ڪا به جنگ يا ٽڪراءُ ناهي. سپريم ڪورٽ انکانپوءِ، 18 هين،21 هين آئيني ترميمن توڙي فوجي عدالتن خلاف درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *