ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو آهي، ادارن جي ڪمزور ٿيڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ريلوي جي بحالي حڪومت لاءِ وڏو چيلينج هو پر خواجه سعد رفيق ٻن سالن اندر ريلوي کي پٽڙي تي آندو آهي، ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو هوندي آهي، ادارن جي ڪمزور ٿيڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو. اسلام آباد کان ڪراچي تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز چيو ته ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو آهي. هن چيو ته ادارن جي ڪمزوري سموري ملڪ جي ڪمزوري هوندي آهي، ملڪ جي ترقي جو دارومدار  ادارن جي ترقي تي هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي ڪيترن ئي سالن کان زوال جو شڪار هو، جڏهن ته اداري جي بحالي حڪومت لاءِ چيلينج هو، ريلوي کي بهتر ڪرڻ جي اهليت سعد رفيق ۾ نظر آئي. نواز شريف چيو ته خواجه سعد ٻن سالن ۾ ريلوي کي پٽڙي تي آندو آهي،  ٻن سالن ۾ ريلوي جي آمدني 23 ارب ٿي آهي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته گهٽ عرصي ۾ ايتري آمدني خوشي جي ڳالهه آهي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تنصيب شروع ڪئي آهي،ڄامشورو، رحيم يار خان ۽ ٻين شهرن ۾ بجلي پيدا ٿيندي. هن چيو ته ريلوي جي 3 هزار ايڪڙ زمين تان قبضو ڇڏرايو ويو آهي، اضافي وسيلا ريلوي جي حالتن کي سڌارڻ تي خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻن سالن جي عرصي ۾ ريلوي ۾بهتري جو عمل نظر آيو آهي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته بهتري ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر ڪم سان نظر ايندي آهي، مخالفن کي واويلا ڪرڻ بدران حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته گرين لائين کي هڪ تجرباتي منصوبو سمجهيو وڃي، ٽرين ۾ سفر کي 10 لک رپيا انشورنس به ڏني ويندي. وزير اعظم چيو ته پاڪ-چين اقتصادي منصوبو انقلابي پروگرام آهي، منصوبي سان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ترقي نظر ايندي. وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته منصوبي سان پاڪستان سميت خطي جي تقدير تبديل ٿيندي، ترڪي تائين به ٽرين جو سفر مڪمل ڪيو ويندو، ريلوي مان هيرا ڦيري ۽ ڪرپشن ختم ٿيندي نظر اچي پئي. ٻئي طرف وزير اعظم نواز شريف، ڪراچي کان اسلام آباد تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، مسافرن کي کاڌي پيتي جون شيون مفت فراهم ڪيون وينديون. وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد کان ڪراچي تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪيو، جنهن دوران کيس ٽرين جو معائنو پڻ ڪرايو ويو. گرين ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر 22 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪندي، جڏهن ته مسافرن کي ايئرڪنڊيشن، انٽرنيٽ “واءِ فاءِ” ۽ عام پاڻي بدران منرل واٽر ڏنو ويندو.  گرين ٽرين لائين جو ڀاڙو 500 هزار رپيا مقررڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻارڙن کان چار هزار هڪ سئو رپيا ڪرايو ورتو ويندو. گرين ٽرين ۾ مسافرن کي گهر جهڙو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن، واءِ فائي، منرل واٽر  ۽ کاڌي پيتيون جون ٻيون شيون مفت فراهم ڪيون وينديون. وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ملڪ کي توانائي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *