ادارن جي آزادي جي دعويٰ پوري ڪرڻ تي فخر آهي، ڪرپشن جو پئسو ووٽ تي لڳايو پيو وڃي: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن جي وڪيل جي دليلن ۾ ڪوبه ثبوت نه هو اپوزيشن کي منافقاني رويي تي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو ڪنهن جي خواهشن تي سڄي تڪ ۾ اليڪشن نٿي ڪرائي سگهجي جن پولنگ اسٽيشنن تي اعتراض نه آهي اتي اليڪشن بيهر چو ڪرائي وڃي هي پنهنجي منشا مطابق فيصلا گهرن ٿا هي سڀ ڪجهه پراڻي پاڪستان ۾ ٿيندو هو نئين پاڪستان ۾ نٿو ٿئي. پنهنجي منافقت جي ذريعي جمهوريت کي پوئتي وٺي وڃڻ جي سازش ڪري رهيا آهن اسان ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين هو خميس تي وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي اسجد ملحي سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو شبلي فراز چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران اپوزيشن جي وڪيل مفروضن جي بنيادن تي اعتراض اٿاريا هي اليڪشن کٽڻ کي پنهنجو پئدائشي حق سمجهن ٿا ان جي دليلن ۾ نه ڪي ثبوت هئا ۽ نه ڪوئي دليل آهي انهن جيڪي نقطا اٿاريا ان سان مسلم ليگ (ن) جو مائنڊ سيٽ ظاهر ٿئي ٿو هن چيو ته مسلم ليگ 0ن) ماصي ۾ ڌانڌلي ۽ فراڊ جي ذريعي اليڪشن مئنج ڪئي هي اليڪشن ۾ هر شئي کي جائز سمجهن ٿا وفاقي وزير چيو ته ڪنهن جي خواهشن تي سڄي تڪ ۾ اليڪشن نٿي ڪرائي سگهجي جن پولنگ اسٽيشن تي اعتراض نه آهي ته اتي اليڪشن ٻيهر ڇو ڪرائي وڃي اليڪشن عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ٿئي ٿي وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊ ڌانڌلي جي خلاف 2013 کان پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي ان وقت جي اليڪشن ڪميشن ۽ اڄ جي اليڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي اڄ اليڪشن ڪميشن تي ڪوئي دٻاءُ نه آهي هي خودمختيار ادارو آهي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) 20 تڪن ۾ ٻيهر پولنگ جو چيو وزيراعظم ان جو چئلينج قبول ڪيو هاڻي انهن پنهنجو موقف تبديل رڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو اهي هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ به اها شئي ڏٺي ويئي ته بار بار موقف کي تبديل ڪيو ويو ۽ پنهنجي ئي موقف کان انڪاري ٿيا هن چيو ته هاڻي اهو ئي رويو هنن اليڪشن ڪميشن ۾ اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته جنهن اليڪشن ۾ هنن کي شڪست ٿئي ٿي ته ڌانڌلي جو شور ڪن ٿا، ۽ پنهنجي پسند جا فيصلا چاهين ٿا عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن مان جيڪي فيصلا هنن جي حق ۾ اچن اهي ٺيڪ ۽ جيڪي انهن جي خلاف اچن اهي غلط هي پنهنجي منشا مطابق فيصلا گهرن ٿا پر اهو سڀ ڪجهه پراڻي پاڪستان ۾ ٿيندو هو هاڻي نئين پاڪستان ۾ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو ايئن ٿئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *