ادارا قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، حڪومت ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ادارا قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، حڪومت ادارن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي. وزيراعظم عمران خان سان لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سندس خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، لاهور چيمبر صدر الماس حيدر، سينيئر نائب صدر خواجا شهزاد ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. واپاري اڳواڻن ۽ صنعت ڪارن وزيراعظم کي انڊسٽريل زوننگ، ڪاروبار جو آسان بڻائڻ ۽ ڪاروباري طبقي کي پيش مسئلن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ وزيراعظم کي انڊسٽري تي لڳايل ٽيڪسن بابت پنهنجا خدشا پيش ڪيا. وزيراعظم چيو ته انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جيستائين ٽيڪس نظام درست نه ٿيندو اڳتي نه وڌي سگهنداسين، ڏکين حالتن ۾ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، ملڪ هن وقت ڏکين حالتن ۾ آهي، تنهن ڪري واپاري ۽ عوام ساٿ ڏئي. سندس چوڻ هو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، ادارا قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، حڪومت ادارن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي. عمران خان ڪاروبار ۾ آساني ۽ ڪاروباري طبقي کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي قدمن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏني ۽ چيو ته جلد ڪاروباري ماڻهو حڪومتي ڪوششن جي نتيجن مان فائدو حاصل ڪندا. انڊسٽريل زوننگ ۽ ٽائون پلاننگ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ان جي اهميت کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سبب گدلاڻ، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ٻين سماجي مسئلن جنم ورتو، 1960 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا ۾ ڀرپور ترقي ڪري رهيو هو، جنهن جو سبب صنعتي ترقي هئي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان هڪ ناڪاري مائينڊ سيٽ جو شڪار ٿي وياسين ۽ خطي جا ٻيا ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا، ملڪي ترقي لاءِ صنعتي ترقي اڻٽر آهي، ان سان روزگار جا موقعا ملندا ۽ بيروزگاري ختم ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *