ادارا سياست ۾ نه پر پنهنجي بيرڪن ۾ وڃن: پي ڊي ايم

حيدرآباد (اين اين آءِ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سمورا ملڪ ۽ قوم جا خادم آهن، اسان هنن کي سياست ۾ نه پيا آڻيون اسان پاڻ چئون پيا ته هي بيرڪن ۾ وڃن. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته نيب ڪرپٽ حڪومت جو هڪ مهرو آهي، ڪرپشن جي حوالي سان نيب کي مخالف ڌر جي خلاف انتقامي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي، مخالفن کي ڪرپٽ چوندڙ پاڻ ڪرپٽ آهن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل هنن کي ڪرپٽ قرار ڏنو آهي، هن جي پنهنجي پارٽ جي اندران به احتساب جي حوالي سان آواز پيا اچن، اسان جو دامن صاف آهي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومت جي ناڪام ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جي عوام ايستائين جو سرڪاري ملازمن کي ان حد تائين مجبور ڪري ڇڏيو ته هو اسلام آباد اچن جيئن هنن جو رڙيون ٻڌي سگهجن، اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جو پنهنجي حق جي لاءِ مظاهرو هو پر بد ڪردار حڪومت ملازمن تي جيڪو تشدد ڪيو، ان کي رياستي تشدد سمجهان ٿو، سرڪاري ملازمن جي مسئلن کان آگاهه آهيون، اسان ان احتجاج جو احصو بڻجنداسين ۽ حڪومت جي ظلم ۽ جبر کي بي نقاب ڪندا رهندا. پي ڊي ايم جي سربراهه چيو ته اسان سان گڏ آهيون، جيڪڏهن رياست جي ادارا عوام جي خلاف ڪردار دا ڪنداسين ته اسان چپ ويهي نه ڏسنداسين، سمورا ادارا ملڪ ۽ قوم جا خادم آهن، اسان هنن کي سياست ۾ نه پيا آڻيو اسان چئي رهيا آهيون ته بيرڪن ۾وڃو، چاهيون ٿا ته هر ادارو پنهنجي آئيني دائري ڪار ۾ رهندي ڪم ڪري، اسان هڪ ٻئي جي علائقن ۾ ڇو پيا وڃون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *