اختلاف پنهنجي جاءِ تي، عمران خان جي وڃڻ تي اپوزيشن متفق آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مظفرڳڙهه (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته اختلافن جي باوجود اپوزيشن عمران خان جي وڃڻ تي متفق آهي پيپلزپارٽي جي جدوجهد جو مقصد عوام وٽ وڃڻ ۽ سمجهائڻ آهي حڪومت جو مقابلو ڪريون ۽ ان جي نالائقي کي عوام آڏو وائکو ڪريون پارليماني ڪميشن تي عمل ڪري صوبو ٺاهيو وڃي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نور رباني کر جي لاڏاڻي سان ڏکڻ پنجاب ۽ پيپلزپارٽي لاءِ وڏو خال پيدا ٿيو آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي جي جدوجهد جو مقصد عوام وٽ وڃڻ ۽ سمجهائڻ آهي پ پ چيئرمين چيو ته معاشي بحران ۾ هر طبقي جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ سبب هارين جو به معاشي قتل ٿي رهيو آهي هن چيو ته مسئلن جو حل اهو آهي ته ڪٺپتلي نظام کان حساب وٺڻو آهي پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جو بنياد رکيو اسان جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر عمران خان جي وڃڻ تي متفق آهيون بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان کي گهر موڪلڻ لاءِ جيڪو قدم کڻي سگهون ٿا اهو ضرور کڻڻ گهرجي پي ڊي ايم جو بنياد رکندي به منهنجو اهو ئي نطريو هو هن چيو ته عمران خان جو گهر وڃڻ عوام جي مسئلن جو حل آهي هي عوامي مطالبو آهي اسان جو مطالبو اڄ به اهو ئي آهي ته خانصاحب کي جمهوري طريقي سان هٽائڻو آهي پ پ چيئرمين چيو ته ضمني اليڪشن ۾ وڌيڪ ووٽ وٺڻ تي پارٽي ورڪرز کي شاباش ڏيان ٿو ووٽ ۾ اضافو ثابت ڪري ٿو ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ ترقي ڪري رهي آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي سرائيڪي وسيب جي خدمت ڪئي ڏکڻ پنجاب مان وزراعظم، وڏو وزير، گورنر ۽ صدر بڻايا بلاول ڀٽو زرداري چيوت ه گذريل حڪومت ۾ سينيٽ ڪميشن صوبو ٺاهڻ جي تجويز ڏني اسان جو مطالبو اڄ به اهو ئي آهي ته پارليماني ڪميشن تي عمل ڪري صوبو ٺاهيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *