اختر مينگل اسان جو اتحادي ۽ رهندو، رابطا ڪري رهيا آهيون: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ ۽ نشريات واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جو سربراهه اختر مينگلو اسان جو اتحادي هو ۽ رهندو.هڪ بيان ۾ هن چيو ته اختر مينگل جا سمورا خدشا جلد ختم ڪنداسين. سمورا اتحادي اسان جي لاءِ احترام لائق آهن. اختر سان رابطا ڪري رهيا آهيون.وفاقي وزير چيو ته اختر مينگل جي 6 نقطن واري مطالبي تي ڪميٽي بڻائي هئي. ڪميٽي ۾ جهانگير ترين به هو پر هو هاڻ ناهي. ڪميٽي ۾ جلد نون ميمبرن کي شامل ڪنداسين.شبلي فراز چيو ته ميمبرن جي مقرري ٿيندي آهي اختر مينگل جا خدشا ختم ڪنداسين. هڪ ٻن ڏينهن ۾ سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. بلوچستان صوبو اسان جي لاءِ ڏاڍو اهم آهي، بجيٽ جو معاملو به بهتر طريقي سان حل ٿي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *