اخباري مالڪ اسان جي نه پر لڳي ٿو ته اسان هنن جي ماتحت ٿي ويا آهيون: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي جنهن ملڪ کي هڪ متفقه آئين ڏنو ۽ ان آئين جي تمهيد ۾ لکيل آهي ته ”هي آئين انساني حقن جي ڳالهه ڪندو آهي“ ۽ انهيءَ آئين تحت مون حلف کنيو آهي ۽ منهنجو هي فرض آهي ته آئون انساني حقن جو جهنڊو بلند رکان. هن اها ڳالهه اڄ مقامي هوٽل ۾ پلرز پاران هيومن رائٽس ڪمٽمنٽس بابت چيلنجن ۽ کين حل واري عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪئي. وڏي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ قانون سازي سنڌ اسيمبلي ڪئي آهي. هن چيو ته جيستائين حڪومت نه چاهي ڪوبه قانون پاس نٿو ٿي سگهي اسان جو مسئلو قانون تي عملدرآمد آهي ۽ اسان جي بيوروڪريسي ان عملدرآمد بابت تربيت يافته نه آهي. هن چيو ته چونڊيل فرد عوامي نمائندا آهن جڏهن ته آفيسر سرڪاري ملازم آهن. اسان کي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته انساني حقن، هڪ انسان ٻئي انسان کي ڏيندو آهي ۽ اسان کي پنهنجي اندر ليئو پائي ڏسڻ گهرجي ته اسان پنهنجا حق درست نموني ادا ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته اڄ لاهور ۾ وڪيلن جي مظاهري ۾ انهن ڪهڙي ريت انساني حقن جي پاسداري ڪئي، ان بابت اسان کي سوچڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته اسان سياسي تنقيد برداشت ڪندا آهيون ڇوته تنقيد ڪندڙن جي ڪاوڙ ڪٿي ته نڪرڻي آهي، آئون تنقيد کي دل تي نه وٺندو آهيان پر تنقيد ڪرڻ کان پهرين اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته سياستدانن جا به انساني حق هوندا آهن. هن چيو ته ماجده رضوي پهرين عورت جج آهي ۽ اهو به پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ٿيو. شهيد بي بي هميشه انساني حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو به ساڳئي قدم تي هلي رهيو آهي. ۽ هن اسيمبلي ۾ انساني حقن جي ڪميٽي جو چيئرمين بڻجڻ پسند ڪيو. هن چيو ته اسان جي پارٽي ليڊرشپ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ پريس ڪانفرنس ڪندي آهي. وڏي وزير چيو ته آئون ٽي هفته اڳ زرداري صاحب سان ملڻ ويس ته ان شاگرد يونين بحال ڪرڻ واري قانون جي تياري ۾ دير ٿيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو . هن چيو ته اسان ڪميٽي ۾ پڻ نئين ايندڙ قانون ۾ شاگردن کي نمائندگي ڏني آهي. اهو شاگرد يونين جو مسودو لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن ويندو  جيڪو سڀني سان صلاح مشورو ڪندي. مون شاگرد يونينون ڏٺيون آهن جيڪي منهنجي شاگردي واري دور ۾ ئي ختم ٿي ويون. هن چيو ته جيڪي نوجوان پڙهي رهيا آهن اهي رڳو اسٽيڪ هولڊرز نه آهن، ناڪاري راءِ به يونين لاءِ موجود آهي. تقرير جي آزادي ته آهي پر تقرير کانپوءِ ڇا ٿيندو انهيءَ جي گارنٽي نه آهي. ٽيننسي ايڪٽ ۾ اڪائونٽنٽ سسٽم جي ڳالهه آهي. جڏهن 1977 ۾ مارشل لاءِ لڳي ته منهنجو پيءُ جيل ويو  ۽ مون زمينن جي سنڀال ڪئي. آئون جيترو هارين سان گڏ ويٺو آهيان اوهان نه ويٺا هوندا. آئون انهن سان سڄو حساب ڪتاب ڪندو هوس. اڪائونٽنگ جي قانون ۾ باقاعده ڪانٽريڪٽ هوندو آهي جتي فرق رکيو ويندو آهي اسان انهيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته صحافين لاءِ اسان اها پڻ شرط لڳائي هئي ته کين ادارن کي اسان جيڪي اشتهارن جي مد ۾ رقم ڏيندا آهيون انهيءَ منجهان اهي پنهنجي ڪارڪنن کي پگهارون ڏيندا پر اخباري مالڪ اسان جي ماتحت ته نه آهن لڳي ايئن ٿو جو اسان کين ماتحت اچي ويا آهيون. نوجوانن جي اي پي سي بابت اهو چوندس ته آئون انهيءَ لاءِ ڪوشش ڪندس ته اهڙي قسم جي ڪابه اي پي سي سڏرائي وڃي جنهن تي بحث مباحثا ٿيڻ گهرجن. اسان ٽرانسجينڊر لاءِ جيڪا ڪوٽا رکي آهي انهيءَ جو هرگز مطلب اهو نه آهي ته اوهان ميرٽ تي اپلاءِ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. انهيءَ بابت آئون اهو ڏسندس ته اختيار حڪومت وٽ آهي يا نه. اسان مذهب جو جبراً تبديلي وارو قانون جوڙيو جنهن ۾ 18 سال واري عمر رکڻ غلطي هئي. اسان ڪوشش ڪئي آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي واري منصوبي ۾ ڪنهن کي بي گهر نه ڪجي ۽ ان بابت صوبائي وزير بلديات سان ڳالهائيندس ته هو ڪي سي آر منصوبي سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهائي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ زرداري صاحب کي طبي بنيادن تي ضمانت ملي آهي، اها ڪابه ڊيل نه آهي جيڪڏهن زرداري صاحب سنڌ ۾ هجن ها ته جيل قانون تحت سهولتون حاصل ڪري ها. هن چيو ته حڪومت سڀني کي چور چئي وقت برباد ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي سي آئي اجلاس  بابت ميٽنگ جو نوٽيس ايندو آهي دعوت نٿي ملي. وڏي وزير طور منهنجو فرض آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪريان. 13 مهينن کان سي سي آئي جو اجلاس نه سڏرايو ويو . پاڻي جو مسئلو آهي، ڪميٽي جي رپورٽ اچي وئي آهي جنهن جي اصلاح سي سي آئي اجلاس وٽان ڪرائڻي آهي. هن چيو ته اسان جي فنڊن جي ڪٽوتي ٿي آهي ۽ اسان کي پنهنجا فنڊز سي سي آئي ذريعي واپس وٺڻا آهن. آئي جي سنڌ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جو آئي جي سنڌ حڪومت کي رپورٽ ڪندو آهي ۽ سنڌ حڪومت جي پوليس سان ڪابه ڇڪتاڻ نه آهي. مون کي ٻڌايو وڃي ته ڪير  ڳالهه کي ڊگهيڙي رهيو آهي ته انهيءَ خلاف ڪارروائي ڪندس. دعا منگي بابت هن چيو ته پوليس جانچ ڪري رهي آهي ۽ پوليس جلد ملوث گينگ کي گرفتار ڪري وٺندي. هن چيو ته جنهن ڏينهن دعا منگي اغوا ٿي آئون انهيءَ رات سمهي نه سگهيو آهيان. وڏي وزير ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب فوت ٿيندڙ ٻار بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته جڏهن ٻار کي ڪتي ڏاڙهو ته اسان علاج لاءِ ترت ڪراچي منتقل ڪيو جيڪڏهن 1 سيڪڙو به ٻار جو بهتر علاج ڪٿي به ممڪن هجي ها ته آئون ٻارڙي کي اتي اماڻيان ها. وڏي وزير چيو ته مون لاهور جو واقعو ٽي وي تي ڏٺو آهي جنهن کي ڏسي مونکي تمام گهڻو ڏک پهتو  آهي. مونکي تفصيل بابت خبر نه آهي ان ڪري آئون وڌيڪ نه ڳالهائيندس. پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *