اخبارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي بڻائڻ جو اعلان، ورڪرن جا مسئلا حل ڪرڻ پهتي آهيان: فردوس عاشق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اوور سيز پاڪستانين پاڪستان مخالف موقف کي رد ڪيو، عمران خان آمريڪي صدر سان ملاقات ۾ پاڪستان جو قومي مفاد ۽ اصل چهرو پيش ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ان ملاقات جا خطي تي هاڪاري اثر پوندا. ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هتي پهچڻ تي منهنجي ۽ منهنجي ٽيم جي ائين آجيان ڪئي وئي، جيئن مان پنهنجي گهر آئي آهيان، اسان تفصيل سان صحافتي تنظيمن سان گڏ ويهي ميڊيا ورڪرن جا مسئلا ٻڌا، سمورن مسئلن جي حل لاءِ سي پي اين اي ۽ اي پي اين ايس جي فورمز تي به وڃي رهي آهيان. هن چيو ته خاص طور ڪراچي پاڪستان جي معاشي حب آهي، ميڊيا ان کي مضبوط ۽ مستحڪم رکڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان کي هر سطح تي سپورٽ ۽ هر قسم جي سهولت ڏيڻ لاءِ ڪراچي آئي آهيان. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ميڊيا ورڪرن جي ڪيس، پاڪستان جو قومي مفاد ۽ موقف عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي دوري آهي، خطي ۾ مخالفن ڄاڻي واڻي پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ جيڪي سازشون ڪيون، اهي دم ٽوڙينديون پيون وڃن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي سائي پاسپورٽ کي تحفظ ملڻ وڃي رهيو آهي ۽ ان جي وقار ۾ اضافو ٿيندو، وزيراعظم قومي سلامتي، قومي مفاد ۽ عوام جي حقن جي موقف کي دنيا ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ نڪتو آهي، ڪجهه سياسي نابالغ دوست ملڪي مفاد کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي هوش کان ڪم وٺن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *