احسن اقبال گهرو ۽ خواجه آصف پرڏيهي وزير هوندو، 44 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 44 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ 44 رڪني وفاقي ڪابينا عهدي جو قسم کنيو. صدر ممنون حسين وفاقي ڪابينا جي نون ميمبرن کان قسم ورتو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪابينا ميمبرن جو انگ 44 آهي جنهن ۾ اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، سعد رفيق، عبدالقادر بلوچ وفاقي وزير هوندا، وفاقي وزيرن ۾ خرم دستگير خان، رانا تنوير، اڪرم دراني، سڪندر حيات ٻوسڻ، پير صدرالدين، شيخ آفتاب، ڪامران مائيڪل، مرتضيٰ جتوئي، رياض پيرزادو، برجيس طاهر، زاهد حامد، حاصل بزنجو، سردار يوسف جڏهن ته مريم اورنگزيب، انوشا رحمان، ڄام ڪمال، امين الحسنات ممڪلتي وزير بڻايا ويا آهن. عابد شير علي انچارج ممڪلتي وزير، عثمان ابراهيم، جعفر اقبال کي ممڪلتي وزير بڻايو ويو آهي، احسن اقبال، گهرو وزير جڏهن ته خواجه آصف پرڏيهي وزير هوندو. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، خرم دستگير بچاءَ وارو وزير، مشاهد الله خان ڪلائميٽ چينج جو وفاقي وزير جڏهن ته گذريل حڪومت جي ٻن ممڪلتي وزيرن کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي. سائره افضل تارڙ صحت واري وفاقي وزير، بليخ الرحمان تعليم وارو وزير وفاقي هوندو، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي ٽوڙيو ويو آهي، پيٽروليم ۽ پاور کي ملائي نئين وزارت توانائي بڻائي وئي آهي جنهن جو انچارج عابد شير علي هوندو، سيد جاويد علي شاهه آبي ذريعن جو وزير، طلال چوڌري گهرو ممڪلتي وزير، مريم اورنگزيب انچارج ممڪلتي وزير براءِ اطلاعات هوندو. پرويز ملڪ واپار وارو وزير، طارق فضل چوڌري وزير ڪيڊ، محسن شاهه نواز رانجها، عبدالرحمان ڪانج، دانيال عزيز، جنيد انور چوڌري مملڪتي وزير جڏهن ته عثمان ابراهيم قانون وارو ممڪلتي وزير  هوندو. ڊاڪٽر درشن لال بين الصوبائي رابطن وارو وزير ۽ فاٽا مان اڪرام خان سيفران جو ممڪلتي وزير هوندو. ڏکڻ پنجاب جي وزيرن ۾ اويس لغاري، ارشد لغاري، حافظ عبدالڪريم، عبدالرحمان ڪانجو، جاويد شاهه شامل آهن جتي اويس لغاري سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو وزير جڏهن ته پلاننگ ڊويزن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ماتحت هوندي. سينيٽر صلاح الدين ترمزي اينٽي نارڪوٽڪس جو وزير هوندو، ٽيڪسٽائيل جي الڳ وزارت ختم ڪري واپار سان ڳنڍي وئي آهي، پوسٽل سروسز کي مواصلات کان الڳ ڪري نئين وزارت ٺاهي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي کي به ٻن وزارتن ۾ ورهايو ويو آهي. ڏکڻ پنجاب مان ٽوٽل 8 هزار هوندا، 5 نوان وزير بڻايا ويا آهن، جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي جي وزير به ٻيهر قسم کڻي ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *