احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد اڳوڻي مواصلاتي وزير احسن اقبال خلاف اين ايڇ اي جي منصوبي ۾ 70 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جا دستاويزي ثبوت سامهون آندا. تفصيل موجب اين ايڇ اي جي منصوبي ۾ پرڏيهي ڪمپني جي مدد سان ستر ارب رپين جي مبينا ڪرپشن ڪئي وئي، معاهدي تي اڳوڻي مواصلات واري وزير صحيحون به ڪيون، جڏهمن ته ان کان اڳ هو ان کي منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو هو. مراد سعيد احسن اقبال ۽ مبينا فرنٽ مين جاويد صادق بابت اهم انڪشاف ڪندي چيو ته احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ ۾ نه هيو؟ ڇا جاويد صادق احسم اقبال کي پرڏيهي ڪمپني ۾ نه وٺي ويو؟ هن چيو ته جنهن معاهدي کان انڪار ڪيو ويو، ان تي احسن اقبال جون صحيحون ڇو آهن؟ احسن اقبال معاهدي تي مواصلات وزير طور صحيحون ڇو ڪيون؟ 259 جو پي سي ون 300 ارب ۾ ڪيئن تبديل ڪيو ويو؟ ۽ پي سي ون جي منظوري بابت ڪابينا ۽ لاڊپارٽمنٽ کي ڇو بي خبر رکيو؟ مراد سعيد اهو به چيو ته اڳوڻي حڪومت چوندي آهي ته منصوبو سي پيڪ لاءِ شروع ڪرڻو هو، جڏهن ڊيل ڪئي وئي ان وقت سي پيڪ منصوبو شروع ئي نه ٿيو هو. مراد سعيد ميڊيا کي بريفنگ ۾ ملتان سکر موٽروي منصوبن ۾ ن ليگ جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪندي نواز شريف، احسن اقبال، جاويد صادق ڪمپني سان معاهدو ڪيو، ن ليگ وڏي وڏا منصوبا ڪميشن حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ڪيا ۽ حڪومت جي بدانتظامي سبب منصوبن جي لاڳت وڌي. مراس سعيد چيو ته ن ليگ حڪومت ملتان سکر موٽر وي ۾ قومي خزاني کي گھٽ ۾ گھٽ سٺ کان ستر ارب رپين جو نقصان پهچايو، وڏي گھپلي جا ثبوت موجود آهن، گھپلي جو مرڪزي ڪردار احسن اقبال ۽ جاويد صادق آهن، ن ليگ جاويد صادق کي فرنٽ مين جي حيٽيت سان رکيو، پاڪستاقن جي پيسي کي بي دردي سان لٽيو ويو، نيب وٽ ويندڙ ڪيسن جا تفصيل ڄاڻڻ چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *