احسان ماني ٻن سالن دوران 14 پرڏيهي دورا ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني هلندڙ ٻن سالن دوران 14 غير ملڪي دورا ڪري ملڪي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني 2018ع کان 2019ع تائين 14 پرڏيهي دورا ڪري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.پي سي بي چيئرمين جي ٻن سالن دوران ڪيل 14 پرڏيهي دورن تي 50 لک 10 هزار رپين جي رقم خرچ ٿي جيڪو پڻ هڪ رڪارڊ آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ٻن سالن دوران دبئي جا 7، لنڊن جا 4، ڏکڻ آفريڪا، سنگاپور ۽ بنگلاديش جو هڪ، هڪ دورو ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *