احساس پروگرام ۾ موڪليل پيغامن تي موبائل ڪمپنيون ڪٽوٽيون ڪري رهيون آهن: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته احساس پروگرام ۾ موڪليل پيغامن تي موبائل ڪمپنيون ڪٽوٽيون ڪري رهيون آهن ۽ عوام جي موڪليل هر پيغام تي رقم ڪٽي پئي وڃي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه اپيل ڪئي آهي ته احساس پروگرام ۾ پيغام موڪلڻ لاءِ خرچ وفاقي حڪومت کي برداشت ڪرڻ گهرجي صوبائي وزير اطلاعات چيو ته وفاقي حڪومت احساس پروگرام جي پيغام کي بلڪل مفت ڪري پيغامن کي مفت ڪرڻ سان عوام کي وڌيڪ سهولت ملندي اها ڳالهه هن اڄ پنهنجي جاري بيان ۾ ڪئي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته   ڪرونا وائرس جا وڌندڙ ڪيس ڳڻتي جوڳي صورتحال طرف اشارو ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير اڄ پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڪرونا پازيٽو ڪيس 26 فيبروري تي رپورٽ ٿيو ڪيترن هفتن ۾ سموري پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي شڪار مريضن جي تعداد ڪيئي هزارن ۾ ٿي وئي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس پازيٽو جي تعداد هزارن تائين پهچي وئي آهي. اگر لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ٿيندو تڏهن ئي هن وبا کان ڇوٽڪارو ممڪن آهي. ان وبا جي ڪري سخت فيصلا ڪرڻا پون ٿا ۽ اگر عوام لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ته صورتحال بگڙي سگهي ٿي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مسئلا پيدا ٿيڻ کان اڳ لاڪ ڊائون تي عمل ڪيو ۽ بنا سبب گهمندا نظر نه اچو سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڳڻتي آهي ته ٽن ڏينهن ۾ ڪرونا وائرس جي شڪار مريضن جي تعداد هزارن تائين پهچي سگهي ٿي. هن چيو ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صورتحال ڪيتري ڳڻتي ۽ پريشاني واري آهي. سيد ناصر حسين شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته ان کان پهريان دير ٿي وڃي صورتحال کي ڏسڻو پوندو هن عوام کي اپيل ڪئي ته لاڪ ڊائون تي موثر عملدرآمد ڪرڻو پوندو ۽ پاڻ کي بچائي ٻين کي محفوط رکڻو پوندو هڪ مهذب شهري ٿيڻ جو فرض ادا ڪيو صوبائي وزير چيو ته لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرايو پيو وڃي ۽ لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهري حڪومت جو ساٿ ڏين ۽ احتياتي تدبيرون استعمال ڪن صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٻه سئو ستر مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن م 11 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن اهو لاڪ ڊائون ۽ آئسوليشن ۾ رکڻ سان ممڪن ٿيو هن چيو ته وبا کان چوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ عوام پنهنجي گهرن ۾ رهي ۽ هڪ مهذب شهري ٿيڻ جو ثبوت ڏيو هن چيو ته ٽن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ وبا کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو ۽ اهي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳا انگ اکر آهن. اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته لاڪ ڊائون جا ڪجهه مثبت اثر به سامهون آيا آهن شهرين به حڪومت جي فيصلن جو ساٿ ڏنو هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام حڪومت سان تعاون ڪري ۽ وبا کي قابو ڪرڻ لاءِ سڀ ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪن صوبائي وزير چيو ته شهر جي مختلف جڳهن تي ڏهه ٽينڪر پاڻي جا في الحال بيهاريا ويا آهن ۽ انهن جي تعداد وڌائي ويندي ته جيئن شهرين کي وڌيڪ سهولت فراهم ٿي سگهي ۽ مختلف هنڌن تي جتي قانون لاڳو ڪندڙن ادار ن جا اهلڪار موجود آهن انهن کي به هٿ ڌوئڻ جي ضرورت پوندي هئي انهن لاءِ ڏهه ٽينڪر شهر جي مختلف جڳهن تي بيهاريا ويا آهن ۽ صورتحال کي ڏسي وڌيڪ ٽينڪر به بيهاريا ويندا ۽ واش بيسڻ، صابڻ ۽ سينيٽائزر به فراهم ڪيا ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *