احساس پروگرام: ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران 60 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي احساس پروگرام لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير  عمر ايوب جو چوڻ آهي ته اي ڊي بي کان حاصل ٿيندڙ رقم سان پاڪستان ۾ سماجي شعبن جو تحفظ بهتر ٿي سگهندو. اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير عمر ايوب خان جي ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان حڪومت جي لاڳيتو ٽيڪنيڪي ۽ مالي سهڪار تي اي ڊي بي مئنيجمينٽ ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي تعريف ڪئي. عمر ايوب ويڪسين جي خريداري لاءِ بروقت مدد کي به تسليم ڪيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ويڪسينيشن مهم لاءِ واڌو مالي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪنٽري ڊائريڪٽر عمر ايوب کي وڌيڪ ٻڌايو ته تازو ئي احساس پروگرام تحت انٽيگريٽڊ سوشل پروٽيڪشن ڊيولپمينٽ لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان هڪ نئين پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اي ڊي بي کان حاصل ٿيندر رقم سان پاڪستان ۾ سماجي شعبن جو تحفظ بهتر ٿي سگندو، رقم جو مقصد احساس پروگرام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي، ڪورونا جي خاتمي لاءِ بينڪ جي سهڪار لاءِ ٿورائتا آهيون. عمر ايوب جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ويڪسينيشن مهم بهترين انداز ۾ جاري آهي، پاڪستان ۾ رستن ۽ ڊجيٽل رابطن جون سهولتون بهتر ڪيون پيون وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *