احتساب ٿي ويو ته ايوانن ۾ ويهڻ وارا جيلن ۾ نظر ايندا: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته اميد ڪيون ٿا ته عدالت ڪرپشن جي خلاف ڪيس ۾ عوام جي حق ۾ جلد فيصلو ڏيندي اها وڏي خطرناڪ ڳالهه هوندي ته جيڪڏهن عدالت عوام کي انصاف نه ڏنو ته پوءِ فيصلو چوڪن ۽ چوراهن تي ٿيندو. ڪرپٽ اشرافيه پاڪستان کي ٽوڙيو نظريا پاڪستان کان محروم ڪيو، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ورهايو. ترقيءَ ۾ اهي ئي ڪرپٽ اشرافيه رڪاوٽ بڻيل آحن پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ سياست ناهي صرف پيسي جي راند جاري آهي. بد ديانت ۽ ڪرپٽ مافيا پنهنجي سرمائي جي بنياد تي اقتدار تي قابض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عتمان زئي چارسده وسيع ۽ اريض ڪميٽي گرائونڊ ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي عالم سڳورن وڪيلن سميت سياسي اڳواڻن جو وڏو انگ جماعت اسلامي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته چارسده جي عوام اسان جو نه پر اسلامي انقلاب جي آجيان ڪئي آهي شيطان ۽ آمريڪي وفادار پاڪستان تي قابض آهن ڪرپشن خلاف اسان جهاد شروع ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *