احتساب وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت بلاول جا چار مطالبا مڃي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماء واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو گهوٽڪي جي علائقي ڏهرڪي ۾ ڪامياب جلسي ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي بلاول ڀٽو زرداري جا چار مطالبا مڃي ضد ختم ڪرڻ گهرجي هڪ بيان ۾ مولابخش چانڊيو گهوٽڪي سميت سنڌ ۽ ٻين صوبن مان ايندڙ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جمهوري احتساب جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته عمران خان جي مسلسل ناڪامي نواز شريف کي مضبوط ڪيو آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ئي ملڪ ۾ حقيقي نوجوان قيادت ۽ اپوزيشن ليڊر آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ بهتري ۽ تبديلي جو دارومدار بلاول ڀٽو تي آهي ۽ هاڻي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي به بلاول ئي آڻيندو هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ جو سياسي حالتون آصف زرداري جي سياسي ڏاهپ کي ياد ڪري رهيون آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *