احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) احتساب عدالت نيب جي درخواست تي ڊاڪٽر عاصم حسين جي جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي ڊاڪٽر عاصم کي اڱاري تي سيڪيورٽي ۾ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو نيب جي جاچ آفيسر عدالت کان ڊاڪٽر عاصم جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي اپيل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عاصم جي خلاف مني لانڊرنگ بابت معاملي جي 80 سيڪڙو انڪوائري مڪمل ڪئي ويئي آهي ڊاڪٽر عاصم ۽ ان جي ڪٽنب جا 26 اڪائونٽس مان مني لانڊرنگ ٿي آهي انهن بئنڪ اڪائونٽس جي جاچ ماهر ڪري رهيا آهن جڏهن ته 10 سيڪڙو رڪارڊ اڃا قبضي ۾ وٺڻو آهي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عامر رضا عدالتي حڪم تي ماهر نفسيات جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر عاصم کي نفسياتي مسئلا لاحق آهن ڊاڪٽر عاصم حسين کي سائڪو ٿراپي جي ضرورت آهي ان لاءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي وڪيل جسماني ريمانڊ جي درخواست جي خلاف موقف اختيار ڪيو ته طبي رپورٽ ۾ هي واضح آهي ته ڊاڪٽر عاصم ايترو نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهي جو هو خودڪشي ڪري سگهي ٿو ڊاڪٽر عاصم کي موجوده ماحول ۾ رکيو ويو ته ان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو هو ان وقت به ڪي دستاويزي ثبوت نه هئا ٽنمهينن تائين ڪنهن وڪيل کي ڊاڪٽر عاصم تائين پهچ ناهي ڏني ويئي ڊاڪٽر عاصم کي ٽن مهينن تائين حراست ۾ وٺي جيڪو پچڻو هو پڇا ڪئي ويئي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪو آهي عدالت ڏسي ته گرفتاري وقت ڪهڙا ثبوت هئا ۽ هن وقت تائين انهن ۾ ڪيتري واڌ ڪئي ويئي ڊاڪٽر عاصم جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ بدران کيس جڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻيو وڃي جڏهن ته عدالت ڊاڪٽر عاصم کي وڌيڪ 14 ڏينهن جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته عدالت جوابدار جو ايم آر آءِ ڪرائڻ ۽ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *