احتساب عدالت طرفان خواجه ڀائرن خلاف جلد ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت نيب کي خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق خلاف جلد ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  لاهور جي احتساب عدالت ۾ خواجه ڀائرن خلاف پيرا گون هائوسنگ سوسائٽي ۾ مبينا بيقائدگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ جيل اختيارين اڳوڻي صحت واري وير خواجه سلمان رفيق کي عدالت ۾ پيش ڪيو.  ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جيل آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته خواجه سعد رفيق ڪٿي آهي جنهن تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته هو اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آهي. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان ريفرنس بابت ڄاڻ حاصل ڪئي جنهن تي نيب آفيسر ٻڌايو ته ريفرنس جي نيب چيئرمين باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ريفرنس جون ڪاپيون ڪرائي جد عدالت ۾ پيش ڪنداسين. احتساب عدالت نيب کي خواجه ڀائرن خلاف جلد ريفرنس فائل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته خواجه ڀائرن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 13 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *