احتساب عدالت آصف زرداري جي اثاثن بابت ريفرنس ٻيهر کولي ڇڏيو،17 اپريل تي طلب

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) راولپنڊي جي احتساب عدالت، آصف علي زرداري جي اثاثن بابت ريفرنس کولڻ واري نيب جي درخواست منظور  ڪندي اڳوڻي صدر کي 27 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج راجا اخلاق حسين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اثاثن بابت نيب چيئرمين پاران داخل ڪرايل ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي پراسڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته آصف علي زرداري هاڻي صدر ناهي رهيو ۽ ان جي ڇوٽ ختم ٿي وئي آهي، ان خلاف ريفرنس ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت، نيب جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 27 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. واضح رهي ته نيب پاران آصف علي زرداري خلاف مشرف دور دوران 2001 ۾ اثاثن بابت ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *