احتجاج ۽ ڌرڻا جمهوري نظام جو حسن آهن، پر ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏبي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ڌرڻن سان قومي معيشت کي شديد نقصان پهتو، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف قومي معيشت کي شديد نقصان پهچايو، انهن کي گهرجي ته عظيم قومي مفاد ۾ رويي ۾ تبديلي آڻن، عمران خان سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪري رهيو، هن تحريڪ انصاف جي مذاڪراتي ٽيم کي هميشه ويٽو ڪيو، احتجاج ۽ ڌرڻا جمهوري نظام جو حسن آهن، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عمران خان جي سول نافرماني جي ڳالهه ان جي خاندان به نه مڃي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻا جمهوري نظام جو حسن آهن پر ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت کي احتجاجي مظاهرن تي ڪو اعتراض ناهي ڇاڪاڻ ته اهو سياسي پارٽين جو قانوني حق آهي. پرويز رشيد چيو ته پاڪستان مسلم ليگ نواز ملڪ ۾ جمهوري روايتن کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پارليامينٽ هائوس، پاڪ سيڪريٽريٽ، وزير اعظم هائوس ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي عمارتن تي حملو ڪيو جيڪا قانون جي سراسر خلاف ورزي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي انهن الزامن کي رد ڪريون ٿا ته احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلايون ويون ۽ چيو ته اسلام آباد پوليس غير هٿياربند هئي ۽ ان کي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ صرف رٻڙ جون گوليون ڏنيون ويون هيون، هن چيو ته حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ۽ ايمانداري سان ڪوششون ڪيون آهن ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جو جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ کان علاوه چونڊ سڌاران جي پارلياماني ڪميٽي بڻائڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن موجوده چونڊ نظام ۾ بهتري آڻي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪري رهيو ۽ هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذاڪراتي ٽيم کي هميشه ويٽو ڪيو ۽ استعيفيٰ جي غير آئيني مطالبي کي ورجايو لهذا هاڻ حڪومت عمران خان کي ان جي حال تي ڇڏي ڏنو آهي، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف قومي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو انهن کي گهرجي ته اهي قومي مفاد ۾ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻين. پرويز رشيد چيو ته عمران خان جي سول نافرماني  کي ان جي خاندان به نه مڃيو، عمران خان طرفان هلائي ويندڙ سول نافرماني جي تحريڪ کي عوام به رد ڪري ڇڏيو ۽ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي به سول نافرماني جي تحريڪ کي نه مڃيو ته ٻيا ڪيئن مڃيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *