احتجاج کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ته ملازمن کي نقصان ٿيندو: وفاقي وزير

اسلام آباد (م.ڊ) سرڪاري ملازمن کي قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي، سياسي پارٽيز احتجاج کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملازمن کي نقصان ٿيندو، وفاقي وزير شيخ رشيد، پرويز خٽڪ ۽ مملڪتي وزير علي محمد خان جو گڏيل پريس ڪانفرنس دوران اظهار، وفاقي وزيرن چيو آهي ته سرڪاري ملازمن سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ سندن مسئلو حل ٿي ويندو، ملازم راضي ٿين ته حڪومت 40 سيڪڙو پگهار وڌائڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهن، تعليم کاتي جي ملازمن جو مسئلو صوبائي حڪومتن جي اختيار ۾ آهي،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *