احتجاج سڀني جو جمهوري ۽ سياسي حق، لٺبازي حڪومت جي ڊپ ۾ ورتل هجڻ جو ثبوت آهي: چانڊيو

ڪراچي (م.ڊ) وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌُر جو جمهوري ۽ سياسي حق آهي، پي ٽي آءِ جي يوٿ ڪنوينشن تي لٺبازيءَ جي مذمت ڪريان ٿو، حڪومت مخالف ڌر جي پرامن احتجاج کي برداشت ڪري، يوٿ ڪنوينشن ڪرڻ ڪو غلط عمل ناهي، هڪ سياسي ايونٽ هيو، مولا بخش چانڊئي چيو ته پوليس عورتن سان هٿين نه پوي ها، پوليس جو ڪم امن ۽ امان بحال ڪرڻ آهي سياسي پروگرام خراب ڪرڻ نه، لٺبازي سان لڳي ٿو ته حڪومت ڊپ ۾ ورتل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *