اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، 7 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان(م.ڊ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڊرون حملن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. شوال ۽ ڪَنڊَ وارن علائقن ۾ آمريڪي جاسوس جهازن 2 ڊرون حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ ازبڪ ۽ پنجابي طالبان به شامل آهن، ڊورن حملي ۾ پنجابي طالبان ۽ پرڏهين جي ٺڪاڻن کي نشاڻو بڻايو ويو. اتر وزيرستان ۾ دهشگردن جي ٺڪاڻن مٿان ڊورن حملن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اهم دهشتگرد پڻ مارجي ويا آهن.. ذريعن موجب، مارجي ويلن ۾ پرڏيهي دهشتگرد به شامل آهن، جڏهن ته ٺڪاڻا به تباه ڪيا ويا آهن…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *