اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، ۸ ڄڻا مارجي ويا

ميرانشاهه (م.ڊ) آمريڪي جاسوس جهازن جو 47 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، هڪ گهر تي ۴ ميزائيل فائر ڪيا ويا جنهن سان گهر ۾ موجود ٻن غير ملڪين سميت ۸ ڄڻا مارجي ويا، حملي کانپوءِ ڊرون جهازن جون علائقي ۾ هيٺين سطح تي اڏامون، عوام ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. تفصيل موجب اربع تي اتر وزيرستان جي علائقي الواڙه منڊي ۾ ميزائيل حملي ۾ ۸ ڄڻا مارجي ويا. واضح رهي ته آخري ميزائل حملو  به دته خيل جي علائقي ۾ ۶ آگسٽ تي ٿيو هو جنهن ۾ ۷ ڄڻا مارجي ويا هئا. علائقي ۾ مواصلاتي نظام نه هئڻ سبب مارجي ويلن جي تصديق ناهي ٿي سگهي پرپوءِ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ ۶ مقامي ۽ ۲ پرڏيهي شامل آهن. مقامي ذريعن موجب ۴ کان ۵ ڊرون جهازن جون علائقي ۾ هيٺانهين سطح تي اڏامون جاري رهيون جنهن سان خوف پکڙجي ويو ۽ مارجي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *