اتر وزيرستان ۾ پاڪ فضائيه جي بمباري، 2 اهم ڪمانڊرن سميت 15 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان(م.ڊ) پاڪ فضائيه جي اتر وزيرستان ۾ بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي ٻن اهم ڪمانڊرن سميت 15 دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فضائيه اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا ذريعن مطابق حملي ۾ مارجي ويلن مان دهشتگردن جا 2 اهم ڪمانڊر به شامل آهن جيڪي هاءِ ويليو ٽارگيٽ هئا ۽ اتروزيرستان ۾ لڪيل هئا، پاڪ فضائيه طرفان گذريل ڏينهن به دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو هو جنهن دوران 17 دهشتگرد مارجي ويا هئا ياد رهي ته پاڪ فوج طرفان اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف 15 جون کان آپريشن ضرب عضب جاري آهي جنهن دوران 1500 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ختم ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *