اتر وزيرستان ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، وڌيڪ 28 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان(م.ڊ) اتر وزيرستان ۾ جيٽ جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 28 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن 3 ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا آهن. اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ڪاميابيءَ سان جاري آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب اتر وزيرستان جي شوال واري علائقي ۾ چوٿين ڏينهن به سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن ذريعي فضائي ڪارروائي ڪئي. جيٽ جهازن جي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 28 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا جڏهن ته دهشتگردن جا 3 ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا. گذريل ڏينهن شوال واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 18 دهشتگرد مارجي ويا هئا جڏهن ته سومر ڏهاڙي پڻ اتر وزيرستان ۽ خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري ۾ 65 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *