اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب جاري، وڌيڪ 12 دهشتگرد مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ بم ڌماڪي سبب پوليٽڪل محرر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، وزير اعظم ۽ صدر ممنون حسين ڌماڪي جي مذمت ڪندي متاثر گهراڻن سان ڏُک ونڊيو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران 12 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. ڏکڻ وزيرستان ۾ روڊ ڪناري نصب بم ڦاٽڻ سبب پوليٽڪل محرر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. ڏکڻ وزيرستان ۾ روڊ ڪناري بم ڦاٽڻ سبب پوليٽيڪل محرر فاروق وزير مارجي ويو. صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ڏکڻ وزيرستان بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي متاثرن گهراڻن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن چيو آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي زميني ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر تصديق ڪندي چيو آهي ته اها زميني ڪارروائي گذريل رات اتر وزيرستان کان 10 ڪلوميٽر پري ڏکڻ-اولهه واري علائقي ۾ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب زميني ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ ڪجهه فرار ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *