اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ پهچڻ تي شاهنواز ڏهاڻي جي شاندار آجيان، ڪرڪيٽ مداحن طرفان گلن جي ورکا

لاڙڪاڻو (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل 6 جي فاتح ملتان سلطانز کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهڻي جو سندس اباڻي علائقي لاڙڪاڻي ۾ پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. ٽائيٽل حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي ڳوٺ ايندڙ شاهنواز ڏاهڙي جو لاڙڪاني شهر ۾ داخل ٿيڻ تي پوليس ٽريننگ سينٽر جي آڏو اجيان ڪئي وئي لاڙڪاڻي جي شهرين ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن ڊگهو قد رکندڙ فاسٽ بالر تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ هار پاريا شاهنواز ڏاهڻي جي نعرن سان آجيان ڪئي وئي. نعرن جو جواب شاهنواز ڏاهڻي رواتي انداز ۾ هٿ ٻڌي ڏئي رهيو هو. شاهنواز ڏاهڻي کان ڪيترن ئي ڪرڪيٽ جي شوقينن مٺيون به ورتيون جنهن کان پوءِ هو هڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ لاڙڪاڻي کان هڪ ميل پري پنهنجي اباڻي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهڙي پهتو ته سندس مٽن مائٽن دوست، ڳوٺ وارن ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن شاندار نموني سان آجيان ڪئي ان کان اڳ ڪراچي کان ڄامشورو پهچڻ تي به سندس شاندار آجيان ٿي 5 آگسٽ 1998 تي لاڙڪاڻي ۾ اک کوليندڙ 6 فوٽ 2 انچ قد رکندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهڙي پي ايس ايل 6 ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ملتان سلطانز پاران 11 مئچن ۾ 24 وڪيٽون ورتيون ليگ جو بهترين بالر قرار ڏيڻ سان گڏ پي ايس ايل 6 اليون ۾ شامل ٿيندڙ شاهنواز ڏاهڻي صحافين سان ڳالهائيندي ان کي پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز قرار ڏنو هن چيو ته پهريون ڀيرو هي پي ايس ايل ۾ شرڪت ڪري بهترين ڪارڪردگي تي تمام گهڻو خوش ۽ الله سائين جو شڪرادا ڪيان ٿو هن شاندار آجيان تي پنهنجي مداحن ۽ لاڙڪاڻي واسين جو خاص طور تي شڪريو ادا ڪيو هن ان ڳالهه تي به خوشي جو اظهار ڪيو ته پي ايس ايل دوران لاڙڪاڻي جي مختلف هنڌن تي وڏيون اسڪرينون هڻي مئچون ڏسڻ جا موقعا پيدا ڪيا ويا ان موقعي تي شاهنواز ڏاهڻي نوجوان رانديگرن کي سخت محنت جي هدايت ڪندي چيو ته مان به پنهنجي عزم ۽ جذبي سبب ڪاميابي جي منزل طئي ڪندو رهيس. نوجوان رانديگر به پنهنجي شعبن ۾ ڀرپور محنت ڪن ته جيئن ڪاميابي سندن پير چمي ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شاهنواز ڏاهڻي راندي سان گڏوگڏ نجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو هن زمبابوي جي خلاف ٽيسٽ سيريز کان پوءِ هاڻي ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيان اميد آهي ته اميدن تي پورو لهندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *