آپريشن ضرب عضب ۾ هوائي فوج جو ڪردار اهم آهي: ايئر وائيس مارشل سهيل امان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) هوائي فوج جي قومي ڏهاڙي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن،  هوائي فوج جي سربراهه ايئر وائيس مارشل سهيل امان چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ هوائي فوج جو ڪردار اهم آهي ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ هوائي فوج ٻين فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هوائي فوج جي قومي ڏينهن تي هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان پي اي ايف بيس فيصل ۾ شهيدن جي يادگار جو افتتاح ڪري گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب

ڪندي هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان چيو ته 65 واري جنگ ۾ هوائي فوج دشمن جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ، جنهن ۾ هوائي فوج کي وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. هوائي فوج جي سربراهه چيو ته 65 واري جنگ ۾ هوائي فوج جو ڪردار نوجوانن لاءِ روشن مثال آهي ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ هوائي فوج ٻين فورسز سان گڏ بيٺل آهي.هوائي فوج جي قومي ڏينهن تي اسلام آباد ۾ ايئر هيڊ ڪوارٽر ۾ تقريب ٿي ، جنهن دوران وقتي وائيس چيف  آف  ايئر اسٽاف ايئر مارشل راشد ڪمال شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري . ڪراچي ۾ ايئر وائيس مارشل سلمان احمد بخاري ايئر فورس جي جٿي سان گڏ ڪالا پل ويجهو  فوجي قبرستان ۾ڪئپٽن شهيد راشد منهاس جي مزار تي حاضري  ڀري. ايئر وائيس مارشل، شهيد ڪئپٽن  راشد منهاس تي مزار تي حاضري ڀرڻ دوران گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي  آهي. نشان حيدر جو اعزاز حاصل ڪندڙ ڪئپٽن راشد منهاس 20 آگسٽ 1971 ۾ شهادت ماڻي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *