آپريشن ضرب عضب مڪمل ٿيڻ جو هي آخري سال آهي: اسحاق ڊار

لاهور (اين اين آءِ) خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب جو مڪمل ٿيڻ جو هي آخري سال آهي، صرف درآمد شين تي ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي جيڪي ماڻهو درآمدي چاڪليٽ ۽ پنير کائين ٿا انهن کي ڪجهه ملڪ لاءِ به ڏيڻ گهرجي، ان آڙ ۾ جيڪڏهن مقامي شين جون قيمتون وڌايون ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستان تمام پوئتي آهي، پر هاڻ ان جي ترقي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ جو افتتاح ڪيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن داتا درٻار جي هجوري ۾ ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 ماهي ۾ محصولات جي وصولي ۾ 40 ارب جي گهٽتائي هئي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽيڪس لڳايا ويا آهن، هن چيو ته نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين دنيا ۾ به ڪمپيوٽر سان بابت تمام موقعا آهن ۽ ان قدم سان شاگردن کي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪرين جا موقعا ملندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *