آپريشن ضرب عضب جو فيصلائتو مرحلو شوال ۾ جاري آهي: سيڪريٽري دفاع/ عسڪري عملدار

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي بچاءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سرحد تي ڀارتي اڳرائي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ڪميٽي کي اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي آهي ته آپريشن ضرب عضب جو فيصلائتو مرحلو شوال ۾ جاري آهي، ڪميٽي چيئرمين روحيل اصغر جو چوڻ آهي ته آپريشن ختم ٿيڻ باوجود پاڪ فوج 2019ع تائين قبائلي علائقن ۾ مقرر رهندي. قومي اسيمبلي جي بچاءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اِن ڪيمرا اجلاس چيئرمين روحيل اصغر جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽيءَ ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج جي اڳرائي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ۽ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي. بچاءَ واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل عالم خٽڪ۽ پاڪ فوج جي اعليٰ اختيارين ضرب عضب آپريشن بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 15 جون 2014ع تي شروع ٿيل آپريشن ضرب عضب جو فيصلائتي مرحلو جاري آهي، آپريشن ۾ هن وقت تائين 3 هزار 500 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي چڪا آهن ۽ انهن جا ڪيترائي ٿاڪ ۽ هٿيارن جون فيڪٽريون پڻ تباهه ٿي چڪيون آهن. ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ويو ته آپريشن ضرب عضب ۾ اتر وزيرستان جا اڪثر علائقا دهشتگردن کان خالي ڪرايا ويا آهن جڏهن ته آپريشن جو فيصلائتو مرحلو شوال ۾ جاري آهي. بريفنگ موجب آپريشن ضرب عضب آپريشن جي ردعمل ۾ هن وقت تائين 300 کان وڌيڪ فوجي جوان ۽ آفيسر به شهيد ٿي چـُڪا آهن. اجلاس ۾ ڳالهائيندي بچاءَ واري ڪميٽي جي چيئرمين روحيل اصغر شيخ چيو ته ضرب عضب آپريشن ختم ٿيڻ باوجود سرحد کي ايئن نه ٿو ڇڏي سگهجي پاڪ فوج کي 2019ع تائين اتر وزيرستان ۾ موجود رهڻو پوندو. روحيل اصغر چيو ته دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ ئي ڪافي ناهي، دهشتگردن جي سهولتڪارن جو به خاتمو آندو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته آپريشن ۾ ڪجهه سياستدانن کي گرفتار ڪرڻ ڪافي ناهي، دهشتگردن جي سهولتڪارن جي چوڌاري گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *